پنوعاقل لڳ ڀيلار روڊ وٽان تشدد ٿيل لاوارث لاش هٿ, لاش جي سڃاڻپ نہ ٿيڻ سبب لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو

پنوعاقل :- پنوعاقل لڳ ڀيلار روڊ وٽان تشدد ٿيل لاوارث لاش هٿ، دادلو پوليس لاش سڃاڻپ لاءِ  تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، لاش جي سڃاڻپ نہ ٿيڻ سبب لاوارث قرار ڏئي دفن. ڀيلار ويجھو قومي شاھراھ تي ھوٽل ڀرسان تشدد ٿيل لاوارث لاش پيل ھو، مقامي ماڻھن پاران لاش ڏسي پويس کي اطلاع ڪيو ويو، دادلو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھچايو، جتي لاش سڃاڻپ لاءِ مردہ خاني ۾ رکيو ويو. لاش جي سڃاڻپ نہ ٿيڻ ڪري نوجوان جو لاش لاوارث قرار ڏئي دفن ڪيو ويو، ايڌي جي رضاڪارن ۽ ٽائون عملي آخري رسمون ادا ڪري سخي حسن قبرستان ۾ لاش دفنائي ڇڏيو.سٽي پوليس ابتدائي جاچ ۾ نوجوان جي موت کي حادثاتي قرار ڏئي ڇڏيو، نوجوان کي ڪنهن گاڏي ٽڪر هنيو جنهن سبب هو فوت ٿيو، ڌڪن جا نشان به حادثي سبب ئي ٿيا، مري ويل جي عمر تقريبن 35 کان 40 سال آهي.