پنجاب ۾ عيد کان اڳ مارڪيٽ بند رکڻ جو فيصلو، واپارين پاران رد

Women shop at a market after the government eased the lockdown imposed as a preventive measure against the COVID-19 coronavirus, in Rawalpindi on May 9, 2020. (Photo by Farooq NAEEM / AFP)

لاهور :-  پنجاب ۾ عيد کان اڳ مارڪيٽون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ ڪورونا خلاف ڪابينا ڪميٽي جو ايوان وزيراعليٰ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عيدالاضحيٰ دوران ڪورونا پکيڙ روڪڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ ٻڌايو ته اڄ کان سخت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو رات کان لاڳو ٿيندو. هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ سموريون مارڪيٽون اڄ رات 12 وڳي کان 5 آگسٽ تائين بند رهنديون، جڏهن ته عيدالفطر واريون ايس او پيز عيدالاضحيٰ دوران به لاڳو هونديون. فياض الحسن چوهاڻ واضح ڪيو ته 5 آگسٽ تائين پنجاب جا سمورا ڪاروباري ۽ واپاري مرڪز بند رهندا، جڏهن ته ٿيٽر، ريسٽورنٽ، تفريحي ماڳ کولڻ جو معاملو محرم الحرام کانپوءِ بحث هيٺ آندو ويندو. هوڏانهن واپارين اهڙي فيصلي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.