پنجاب پاڻي چور آھي جنهن ننڍا وڏا ڪئنال ڪڍي سنڌو کي سڪائي ڇڏيو، آر بي ڊي او جي زهريلي پاڻي سبب منڇر تباھ ٿي ويو آھي، منڇر ۾ زهريلو پاڻي بند ڪري مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي. : باجارا ۾ سيمينار کي مقررين جو خطاب

سيوھڻ ويجھو ڳوٺ باجارا ۾ منڇر ڪنڌي تي منڇر جي بحالي ۽ للڪارون ۽ موقعا جي عنوان هيٺ سنڌ وليج ڊولپمينٽ پروگرام ۽ سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ پاران هڪ سيمينار منقعد ڪيو ويو جنهن ۾ پاڻي، معاشياتي ماهرن، سنڌ جي اديبن محققن، صحافين سان گڏ آبپاشي کاتي جي اڳوڻن سيڪريٽريز ۽ انجنئيرن ڳوٺاڻن ۽ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سانا جي اڳواڻ اعجاز ترڪ، معاشيات ماھر قيصر بنگالي، جامي چانڊيو ۽ ٻين سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته آر بي ڊي او جي زهريلي پاڻي سبب منڇر تباھ ٿي ويو آھي، منڇر ۾ زهريلو پاڻي بند ڪري مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي. منڇر مان ھزارين ماڻهون لڏي ويا آھن لکين ايڪڙ زمينون تباهه ٿي ويون آھن. ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ چيو ته ماضي ۾ ايترو پاڻي خراب نه هو پر هن وقت نمڪيات جو پي پي ايم 7 هزار آھي، ايم اين وي ڊرين سڄي منڇر کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته سڀ ادارا قصور وار آھن . فشريز کاتي وارن غير معياري مڇي جو ٻج وجھن ٿا جيڪو ٻيجارو سنڌ جو نه آھي نه وري مٺي پاڻي ۾ فشريز کاتي وارا وري منڇر ۾ ٻيجارو، ديو، گلفام گپ گولو وجهن ٿا. جنهن جي مارڪيٽ ۾ ڪا ويليو ناهي مهاڻا ويچارا ڪيئن گذر سفر ڪندا. اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ چيو ته پنجاب وڏو پاڻي چور آھي جنهن ننڍا وڏا سوين ڪينال ڪڍي سنڌو کي سڪائي ڇڏيو آھي. پر سنڌ جي ميمبر ارسا اڳواڻ سيد مظھر وڏي جدو جهد ڪري پاڻي چوري تي ڪنٽرول ڪيو. واپڊا جو ادارو پڻ بدنيت آھي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ اسان جو حق آھي اهو پاڻي ضايع نٿو ٿئي، آر بي او ڊي هڪ منجهيل پروگرام آھي، گاج ڊيم ٺاهڻ منڇر کي هٿ وٺي تباھ ڪرڻ آھي دادو ڪينال کي رپئر ڪري منڇر کي مٺو پاڻي ڏئي سگهجي ٿو سنڌ حڪومت کي گهرجي پاڻي چوري تي پنهنجو آواز بلند ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي. سيوهڻ برانچ ٺاهي منڇر کي بچائي سگهجي ٿو سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي، انجنئر ساجد ڀٽو چيو ته مان منڇر جو سپرنيڊنٽ انجنيئر آھيان مون ويجهڙائي کان ڏٺو آھي مان ورلڊ بئنڪ جا ماهر وٺي ايندو آھيان پر هن وقت تائين منڇر جو تباهي جو حل ناهن ڪڍي سگهيا. اڙل هيڊ کان سال 2000 ع کان 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندا هئاسين. جيستائين گڊو ۾ ٻه اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي هجي ته منڇر ۾ پاڻي داخل ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر الطاف سيال چيو ته منڇر جي تباهي آر بي او ڊي پروجيڪٽ کان شروع ٿي آھي ظفر الله جمالي جي دور ۾ بلوچستان کان ايندڙ پاڻي منڇر کي تباهه ڪيو. آر بي او ڊي کي 7.6 ملين ڏنا ويا پر اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو .منڇر ۾ 7.8 ايڪڙ پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو. سيوهڻ برانچ ٺاهيو وڃي پر هڪ ئي سورس آھي دادو ڪينال جنهن کي ري ماڊل ڪري ان مان منڇر کي پاڻي ڏئي مٺو ڪري سگهجي ٿو. ابراهيم سمون چيو ته منڇر جي اصل تباهي جي ذميوار اسان سڀ آھيون نئين گاج ٺهي پيو جنهن سان منڇر ۾ پاڻي رڪجندو منڇر جي بحالي لاء سنڌ حڪومت سيريس ٿي فنڊ رکي مسئلي کي حل ڪرائي ڇو ته منڇر اسان جو تاريخي ورثو آھي منڇر جو حل رڳو پروگرامن ۽ سيمينارن سان حل ڪونه ٿيندو عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. رڳو ڪرپشن ٿيندي ۽ پئسا کائينداسين ته اسان جي سنڌ جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو جيڪي پروجيڪٽ ٿين انهن ۾ لوڪل ٽيڪنيڪل ماڻهن سان صلاح وٺڻ گهرجي، اسان کي منڇر، ڪينجهر ۽ چوٽياريون ڊيم کي بچائڻ گهرجي.