پنجاب ميڊيڪل ڪاليج شاگرد ۽ شاگردياڻين تي جينز پائڻ تي پابندي

Multi ethnic teenagers friends walking in the school hallway, back view.

فيصل آباد:- پنجاب ميڊيڪل ڪاليج شاگرد ۽ شاگردياڻين تي جينز پائڻ تي پابندي هڻندي يونيفارم لازمي ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ميڊيڪل ڪاليج پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شاگردياڻيون اڇي شلوار ۽ قميص ميهرون رنگ جو رئو ۽ ڪارا جوتا پائينديون. جڏهن ته شاگرد اڇي شرٽ ۽ سلور گري پينٽ يا اڇي شلوار قميص پائيندا. نوٽيفڪيشن ۾ سڀني ڪلاسن جي شاگردن جي لاءِ يونيفارم لازمن قرار ڏيندي چيو آهي ته جينز، جوگرز، ٽي شرٽ ۽ اسڪرٽ ڪاليج ۾ پائڻ تي پابندي آهي. سڀئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون 3 فيبروري کان يونيفارم پائيندا.