پنجاب حڪومت لاڪ ڊائون سبب ”تعليم گهر“ نالي سان روزاني ڪيبل ٽي وي ذريعي تعليمي سلسلو شروع ڪري ڇڏيو

لاهور:- پنجاب حڪومت لاڪ ڊائون سبب ”تعليم گهر“ نالي سان روزاني صبح جو 8 وڳي کان هڪ وڳي تائين ڪيبل ٽي وي ذريعي تعليمي سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، آن لائن ايجوڪيشن سان ملڪ ۾ تعليمي سلسلو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ڏورانهين علائقن ۾ رهندڙن کي انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري آن لائن ڪلاسز کان محروم ٿيڻ جي شڪايت آهي، پنجاب حڪومت تعليمي سلسلو جاري رکڻ لاءِ هڪ قدم کنيو آهي ۽ اڄ کان پهرين درجي کان اٺين درجي تائين شاگردن کي گهر ويٺي تعليم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيبل ٽي وي چينل ذريعي صبح 8 وڳي کان هڪ وڳي تائين ٻارن کي گهر ۾ ئي تعليم ڏني ويندي ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ليڪچرز نشر ڪيا ويندا.