پنجاب حڪومت بنيادي صحت مرڪزن ۾ ٽيسٽ جي اگهه ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

لاهور :-  پنجاب حڪومت بنيادي صحت مرڪزن ۾ ٽيسٽ جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب ليور فنڪشن ٽيسٽ 50 رپين مان وڌائي 300 رپيا، جڏهن ته الٽرا سائونڊ 50 رپين مان وڌائي 150 رپيا ڪيو ويو آهي.سي ٽي اسڪين هڪ هزار رپين مان وڌائي اڍائي هزار رپيا ۽ اي سي جي 60 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪئي وئي آهي.اسپتالن ۾ ايندڙن لاءِ پارڪنگ فيس به مقرر ڪئي وئي آهي ۽ نوٽيفڪيشن موجب ڪار جا 20، جڏهن ته موٽر سائيڪل جا 10 رپيا ڏيڻا پوندا.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فيس ضلعي، تعلقي، رورل هيلٿ سينٽرز ۽ بنيادي هيلٿ يونٽس تي لاڳو ٿيندي.پنجاب جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حقدار ماڻهو زڪوات فنڊ مان پنهنجون ٽيسٽون مفت ڪرائي سگهن ٿا.هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ هو ته صوبي جي سمورين اسپتالن جي ايمرجنسي ۾ مريضن جون ٽيسٽون مفت ڪيون وينديون.هن ٻڌايو ته حقدار ماڻهن لاءِ علاج جون مفت سهولتون ختم ناهن ڪيون ويون پر ان ڊور ۾ ايندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي حقدار ناهن، انهن لاءِ ٽيسٽن جي قيمت ۾ معمولي واڌ ڪئي وئي آهي.