پنجاب جي وڏي وزير 6 صوبائي وزيرن جا کاتا تبديل ڪري ڇڏيا

لاهور:  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار 6 صوبائي وزيرن جا کاتا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. منظوري وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات جي دوران ڏني، جنهن کانپوءِ اڄ باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.جنهن موجب صنعت ۽ واپار جي وزير ميان اسلم اقبال کي سڌ سماءُ ۽ ڪلچر جو اضافي قلمدان، صمصام بخاري کي ڪنسوليڊيشن جو کاتو، راجا بشارت کي سوشل ويلفيئر ۽ بيت المال جو کاتو، هائير ايجوڪيشن جي وزير همايون ياسر کان سياحت جو اضافي قلمدان واپس وٺي يوٿ افيئرز جي وزير تيمون کي ڏنو ويو. مڪاني کاتي جي وزارت وڏي وزير پاڻ وٽ رکي آهي.