پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:- پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته هي ڪرفيو يا لاڪ ڊائون ناهي، لاڪ ڊائون دوران کاڌي پيتي جي شين جا دڪان، ميڊيڪل سينٽرز کليل رهندا، پلاننگ واري کاتي کان وڌيڪ تجويزون گهريون آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ 14 ڏينهن جي لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن گهرن ۾ رهڻ واري منهنجي اپيل تي عوام ڀرپور موٽ ڏني هئي، هاڻي به اميد آهي ته عوام حڪومت سان ڀرپور سهڪار جاري رکندي. عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ سموري صحت کاتي جي ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل ۽ ٻي عملي جا شڪرگذار آهيون.عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته عوام جي مفاد ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، لاڪ ڊائون دوران کاڌي پيتي جي شين جا دڪان، ميڊيڪل سينٽرز کليل رهندا. وڏي وزير چيو ته فوج سان گڏ ٻيا سيڪيورٽي ادارا صوبي ۾ لاڪ ڊائون تي عمل کي يقيني بڻائيندا، ڪوشش ڪنداسين ته عوام کي ڪابه پريشاني نه ٿئي