پنجاب جي صوبائي وزير اسد کوکر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور:- پنجاب جي صوبائي وزير اسد کوکر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، اسد کوکر وائلڊ لائيف ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير هو، هُن جو چوڻ آهي ته مونکي هٽايو ناهي ويو، ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد کوکر کي ڪنهن معاملي تان هٽايو ويو آهي.