پنجاب جي خوراڪ کاتي جي وزير عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور :- پنجاب جي خوراڪ کاتي جي وزير سميع الله چوڌري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، خوراڪ کاتي ۾ سڌارا نه آڻڻ ۽ ڪڻڪ سميت اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ جي ناڪامي جي الزام بعد استيعفيٰ پيش ڪئي.چوڌري سميع الله چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي بحران واري اسڪينڊل ۾ ملوث ناهيان، سمورا الزام بدنيتي تي ٻڌل آهن، هن چيو ته پنهنجي پاڻ کي هر فورم تي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو، جيستائين انهن الزامن کي ختم نٿو ڪري سگهان، تيستائين عهدي تي نه رهندس، هوڏانهن اطلاعات کاتي جي وزير پنجاب فياض الحسن چوهاڻ چيو ته سميع الله جي استيعفيٰ قبول ڪئي آهي، ڪڻڪ اسڪينڊل رپورٽ منظر عام اچڻ بعد حالتن کي ڏسندي سندس اهو فيصلو تعريف جوڳو آهي.