پشاور ۾ پي ٽي ايم جو مرڪزي اڳواڻ منظور پشتين گرفتار، جيل حوالي

پشاور:- پوليس پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي مرڪزي اڳواڻ منظور پشتين کي گرفتار ڪري ورتو.منظور پشتين کي گذريل رات پشاور جي علائقي تهڪال مان گرفتار ڪيو ويو ۽ پي ٽي ايم اڳواڻ کي ڪالهه  مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 14 ڏينهن لاءِ جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.ذريعن موجب پوليس جو چوڻ آهي ته تهڪال جي علائقي شاهين ڪالوني ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي منظور پشتين کي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو.ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس اهلڪار غلام نبي ٻڌايو ته منظور پشتين ڊيرا اسماعيل خان پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن جي بنياد تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڊيرا اسماعيل خان پوليس حوالي ڪيو ويندو.هوڏانهن منظور پشتين جي گرفتاري خلاف سندس پارٽي طرفان اڄ سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته انساني حقن جي عالمي تمظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل منظور جي گرفتاري جي مذمت ڪندي کيس جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته منظور پشتين خلاف ٿاڻي سٽي ڊيرا اسماعيل خان ۾ 21 جنوري تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.