پشاور هاءِ ڪورٽ گڏيل طور تي اختيارن جي ناجائز استعمال تي 3 سينئر سول ججن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

پشاور :-  پشاور هاءِ ڪورٽ گڏيل طور تي اختيارن جي ناجائز استعمال تي 3 سينئر سول ججن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو. ان کان علاوه ٽن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جي تنزلي ۽ ٽن رٽائرڊ ججن جي پينشن به روڪي ڇڏي آهي جڏهن ته الزام ثابت نه ٿيڻ تي هڪ جج کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل بيان موجب سزا ملندڙ ججن جي خلاف جاچ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ان ججن جي خلاف گڏيل طور تي اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ بابت شڪايتون مليون هيون. جاچ ڪميٽين سمورن ثبوتن ۽ موقف ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون هيون. بيان موجب سينئر سول جج اصغر علي سلارزئي جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي کيس نوڪري تان هٽايو ويو آهي. اهڙي طرح الزام ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج صوفيه وقار خٽڪ، خورشيد اقبال ۽ محمد عامر نذير کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي تنزلي ڪئي وئي آهي. رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ جي بيان موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج(رٽائرڊ) سبحان شير جي خلاف الزام ثابت ٿي چڪا آهن ان ڪري ان جي پينشن 6 مهينن جي لاءِ روڪي وئي آهي. اهڙي طرح رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد سليم خان جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي ان جي پينشن 5 سالن جي لاءِ جڏهن ته رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيات علي شاهه جي خلاف سزا جي طور تي ان جي پينشن 2 سالن جي لاءِ روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.هڪ ٻئي  بيان موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عقيل عاجز جي خلاف الزام ثابت نه ٿيڻ تي مذڪوره اختيارين ان کي جاري شوڪاز نوٽيس واپس وٺندي سندس مٿان لڳل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.