پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو

پشاور :-  ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن کي برطرف ڪيو ويو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سول جج طيب علي ۽ ايڊيشنل سيشن جج ناصر ڪمال خلاف ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جون دانهون مليون هيون، جنهن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميٽي سمورين شاهدين ۽ موقف ڄاڻڻ کانپوءِ ڄاڻايل ججن کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ڪئي ۽ انهن جي سفارشن جي روشني ۾ ٻنهي ججن کي برطرف ڪيو ويو.