پشاور زلمي جي سي اي او طرفان ماهره خان کي پشاور زلمي جوسفير بڻائڻ جو اعلان

ڪراچي: = پشاور زلمي جي سي اي او جاويد آفريدي سوشل ميڊيا تي ماهره خان کي پشاور زلمي جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.جاويد آفريدي ٽوئيٽر تي چيو ماهره خان کي پي ايس ايل 6 ۾ پشاور زلمي جي برانڊ سفير بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڪافي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ماهره خان پهريان به پشاور زلمي جي سفير رهي چڪي آهي.ياد رهي ته جاويد آفريدي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اشارا ڏئي رهيو هو ته هن ڀيري پشاور زلمي جي برانڊ سفير ترڪ اداڪاره اسرا بلگيچ عرف حليمه سلطان هوندي پر اوچتو ماهره خان کي سفير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي