پرڏيهي وزارت ۾ مقرريون ۽ بدليون، مليحا لوڌي کي هٽايو ويو

اسلام آباد := گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت ۾ مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن موجب مليحا لوڌي جي جاءِ تي سينيئر سفارتڪار منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن يو اين پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل خليل احمد هاشمي کي گڏيل قومون جنيوا ۾ مستقل سفير مقرر ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزارت ۾ اي آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد اعجاز کي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

اهڙي ريت اتر ڪوريا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ناظم الامور سيد سجاد حيدر کي ڪويت ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

ميجر جنرل رٽائرڊ محمد سعد خٽڪ کي سريلنڪا ۾ هاءِ ڪمشنر، عبدالمجيد پاڪستاني سفارتخاني ٽورينٽو ۾ قونصل جنرل، ابرار هاشمي کي هوسٽن ۾ قونصل جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ٽورينٽو ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي قونصل جنرل عمران احمد کي ڍاڪا، بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر، جڏهن ته نجر، نيامي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ناظم الامور احسن ڪي – ڪي وگن کي مسقط، اومان ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته مليحا لوڌي کي فيبروري 2015 ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هن وفاق ۾ حڪومت جي تبديلي باوجود پنهنجون خدمتون جاري رکيون.

مليحا لوڌي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ملڪ جي خدمت فخر جي ڳالهه آهي ۽ مان 4 سالن تائين موقعو ڏيڻ تي ٿورائتي آهيان، دنيا جي اهم فورم تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ وڏي عزت آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي ڪامياب دوري کانپوءِ مان اڳتي وڌڻ جو منصوبو جوڙيو هو.

هن نئين سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم جي دوري تي حاصل ٿيندڙ تعريف ۽ ورهين کان جاري سهڪار تي ٿورائتي آهيان، مان منير اڪرم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿي.

ياد رهي ته منير اڪرم ان کان اڳ 2002 کان 2008 دوران 6 ورهين تائين گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير جي حيثيت سان مقرر رهي چڪو آهي.