پرڏيهي فنڊنگ ڪيس:اليڪشن ڪميشن جوکليل ٻڌڻي جو اعلان

اسلام آباد := اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي جِي رپورٽ بعد پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي کُليل ٻڌڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جَي ترجمان طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جِي ڪارروائي کي اوپن نه ڪيو ويندو، ڪميٽي جي ڪارروائي لاڳاپيل ڌُرين جي موجودگي ۾ جاري آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ بعد کُليل ٻڌڻي ڪئي ويندي