پريالوءِ ڀرسان سکر کان ڳوٺ ويندي 2 نوجوان گُم

پريالوءِ : پريالوءِ ڀرسان سکر کان ڳوٺ ويندي 2 نوجوان گُم ٿي ويا. وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اعليٰ اختيارين کان جلد بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. پريالوءِ ناڪو نمبر 2 واسي نوجوان عطاءُ الله انصاري ۽ ڳوٺ پڪا الرا واسي عبدالحميد الرو گذريل ڏينهن موٽر سائيڪل تي سکر کان واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته گُم ٿي ويا. وارثن موجب ڪيترن ئي هنڌ تي ڳولا ۽ پُڇاڳاڇا ڪرڻ باوجود سندن ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڪالهه سکر مان نڪرڻ کان اڳ ٻنهي نوجوانن سان رابطو ٿيو، ڪجهه وقت کانپوءِ سندن موبائيل فون بند ٿي ويا. ٻنهي نوجوانن جي وارثن اغوا جو شڪ ڏيکاريندي اعليٰ اختيارين کان جلد بازياب جي اپيل ڪئي آهي.