پرويز مشرف جي مدد ڪندڙفوجي آفيسرن خلاف جاچ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: خصوصي عدالت وفاقي سرڪار کي پرويز مشرف جي مدد ڪندڙ باوردي فوجي آفيسرن خلاف جاچ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس وقار سيٺ فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪميٽي سميت هر اهو وردي وارو شخص، جيڪو رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف سان گڏ هو ۽ سندس حفاظت ڪندو رهيو، اهو به ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي. عدالت انهن مددگارن ۽ سهولتڪارن کي هِن ڪيس ۾ شامل نه ٿي ڪري سگهي، وفاقي سرڪار تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو انهن آفيسرن خلاف جاچ ڪري ۽ ڪيس داخل ڪرائي. تفيصلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته انهن سڀني ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، جن پرويز مشرف کي ملڪ مان ڀڄڻ ۾ مدد ڪئي.