پروفيسر ساجد سومرو جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش: 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي

خيرپور :- گذريل ڏينهن اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي پروفيسر ساجد سومرو کي جوڊيشل مئجسٽريٽ خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .جتي عدالت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پروفيسر ساجد سومرو کي جيل ڪسٽڊي ڪري سينٽرل  جيل خيرپور موڪلي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ساجد سومرو عياش قسم جو ماڻهو آهي هن چارچار شاديون ڪيون آهن ۽ سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي ، غير مذهب مواد ۽ فحاشي مواد رکي عورتن کي اسلام خلاف ڀڙڪائيندو رهيو آهي،جنهن ڪري هن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،هوڏانهن شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي انتظاميا گرفتار ڪيل پروفيسر ساجد سومرو کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي،ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته پوليس هٿان گرفتار ڪيل پروفيسر ساجد سومرو کي ڪيترن ئي سالن کان يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ نه گهرايو ويندو هو ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻندو هو يونيورسٽي ۾ نوجوان شاگردياڻين سان غير اخلاقي حرڪتون ڪرڻ سبب سڀني پروگرامن ۾ هن مٿان پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.ٻئي طرف خيرپور جي اڳوڻن قومپرستن ۽ هاڻوڪن وڪيلن توڙي وائس آف خيرپور نالي گروپ جي ميمبرن پروفيسر ساجد سومرو خلاف ڪٽيل ايف آءِ آر کي تعصب ۽ قانون کان مٿانهين ايف آءِ آر قرار ڏيندي چيو آهي ته هو اها ايف آءِ آر سيشن ڪورٽ مان ختم ڪرائيندا، هنن جو چوڻ هو ته ايف آءِ آر ۾ جيڪي قلم هنيا ويا آهن اهي قانوني گهرجن تي پورا نه  ٿا لهن، هنن جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي ايف آءِ آر جي لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻ، ايس ايڇ او جي ليول کان مٿانهون فريادي هجڻ ۽ ٽي شاهد هئڻ ضروري آهن.