پاڻي جي مسئلي تي غور لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي ڪانفرنس

ڪراچي :- ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي مسئلي تي غور لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيڪ هولڊرن جي ڊگهي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.  ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، ڪمشنر ڪراچي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن، واپاري اڳواڻن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.  اجلاس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن جا نمائندا شامل هوندا ۽ ڪميٽي هر 15 ڏينهن کانپوءِ ملاقات ڪندي جيڪا پاڻي جي ليڪيج، پاڻي چوري ۽ ورهاست کي مانيٽر ڪندي.  هن چيو ته 250 بلين رپيه گهرجن جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهائي رهيا آهيون ۽ جڏهن ورلڊ بئنڪ سان ڳالهايون ٿا ته هو چون ٿا ته پهريون ڪي ڊبليو ايس بي کي پهريون ٺيڪ ڪيو، ڪي ڊبليو ايس بي کي ٻيهر تيار ڪيو ته جيئن جيڪو اسان قرض ڏيون اهو واپس به ٿي سگهي.  مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم چيو ته واٽر بورڊ کي مسئلن جو حل ٻڌائڻ گهرجي، اهي مسئلا رات وچ ۾ پيدا نه ٿيا آهن، جيئن آبادي وڌي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي وئي.  ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو حل وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن جي کاتي وٽ آهي، پاڻي جي چوري اهم مسئلو آهي، جنهن کي روڪڻي پوندو. ڪي فور منصوبي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اسد ضامن چيو ته  ڪي فور جو روٽ 2007ع ۾ تيار ڪيو ويو، ان روٽ جي سليڪشن جي بنيادن تي فزيبلٽي تيار ڪئي وئي. هاڻي 25 بلين رپين ۾ اها رٿ تيار ڪرڻ ممڪن ناهي.  تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته واٽر بورڊ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڻي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان ڪي فور فنڊن لاءِ وفاق وٽ وڃڻ لاءِ تيار آهيون.  جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو ته گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس کي اڄ طلب ئي نه ڪيو ويو، ڪنهن اسان کي دعوت ئي نه ڏني.