پاڪ- چين ۾ آزاد پتن هائيڊرل رٿا جو معاهدو، قرض وٺڻ واريون ڳالهيون غلط آهن: وزيراعظم

اسلام آباد:-  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سان سستي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، حڪومت عوام کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. آزاد پتن هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي معاهدن تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي ٻئي منصوبي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ سي پيڪ ۾ شامل ٻئي منصوبو جو معاهدو ڪيو ويو. هن چيو ته سي پيڪ مستقبل ۾ اهڙي اميد آهي، جيڪا ملڪ کي مٿي کڻي ويندي، چين جهڙي ريت ترقي ڪئي، اهو اسان لاءِ مثال آهي، سي پيڪ ۾ اسان جون ڪيتريون ئي اميدون آهن، جيڪو پاڪستان کي ترقي ڏيندو. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تيزي سان مرحلا طئي ڪري رهيو آهي، هن وقت اسان جي ملڪ جي حقيقي ضرورت سيڙپڪاري آهي، هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ذريعي سيڙپڪاري آئي آهي، ان سيڙپڪاري سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، بار نه پوندو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن هري پور جو دورو ڪري ۽ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ لاءِ اهم ڪاميابي آهي، پنهنجي ماڻهن جي ذهانت سان فني مهارت ذريعي پاڻ ڀرو ٿيڻ واري منزل حاصل ڪئي ويندي. اين آر ٽي سي جي ايم ڊي توفيق احمد طرفان بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اداري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي قدم جي واکاڻ ڪندي وينٽي ليٽرز جي تياري ۾ حصو وٺڻ تي سڄي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.’ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناهي، حڪومت پاڻڀرو ٿيڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن منصوبن ۾ سهڪار ڪندي. هن چيو ته لاڪ ڊائون ذريعي معيشيت کي بحال رکڻ واري حڪمت عملي کي وسيع پيماني تي سراهيو پيو وڃي، ڪورونا وبا تي ضابطي لاءِ سندن حڪمت عملي ڪامياب رهي، هاڻ سندن ڌيان طبي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سڌارو آڻڻ تي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ تيار ڪيل وينٽي ليٽر اين ڊي ايم اي حوالي ڪري ڇڏيا، جتي وفاقي وزير فواد چوڌري، عمر ايوب ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.