پاڪ فوج جا ٽي ميجرز نوڪري مان برطرف، ٻن کي قيد جي سزا

راولپنڊي : پاڪ فوج جي ٽن ميجرز کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو جڏهن ته ٻن آفيسرن کي قيد جي سزا پڻ ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب پاڪ فوج جي 3 ميجرز کي قائدن جي ڀڃڪڙي تي سزا ٻڌائي وئي ۽ الزام قبول ڪرڻ تي ٽنهي ميجرز کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي ٻن آفيسرن کي 2، 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.