پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ کي بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : پاڪستان ۾ چيني موبائيل ايپ ٽڪ ٽاڪ کي بحال ڪرڻ جون فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميه جي غير اخلاقي مواد تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خاطري بعد پي ٽي اي اٿارٽي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ٽڪ ٽاڪ انتظاميه غير اخلاقي و غير مناسب مواد جي روڪٿام جو ميڪينزم ٺاهڻ تي راضي ٿي وئي آهي