پاڪستان ۾ قانون ۽ جمهوريت ناهي، اسان جبر ۽ دٻاءَ جا فيصلا ناهيون مڃندا: مولانا فضل الرحمان

ڊي آءِ خان(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ جمهوريت ناهي، اسان جبر ۽ دٻاءَ جا فيصلا ناهيون مڃندا. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيغام وزيرستان ڪنونشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ مهانگائي جي ڪري ماڻهو آپگهات پيا ڪن. مهانگائي جي ڪري والدين ٻار وڪرو ڪري رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان بکئي عوام سان گڏ آهيون. مهانگائي سبب عوام چور چور آهي، هر طبقو روئي پيو. اڄ هر طبقو احتجاج پيو ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ به مارشل لا آهي. اسان جي جدوجهد قانون ۽ آئين جي تحت جاري آهي. آزادي مارچ اسان جو جمهوري حق هو. اقتدار مان لاٿو ناهي پر هن حڪومت جي عملداري ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته عوام هڪ پولنگ باڪس ۾ ووٽ وجهندو آهي، پر ڳڻپ ٻئي پولنگ باڪس جي ڪئي ويندي آهي. اسان اهڙي اليڪشن کي قبول نٿا ڪيون. هن چيو ته قبائلي ضلعن جو صوبي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام غلطي آهي، اُها ئي غلطي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪئي آهي. فاٽا کي اللڳ صوبو بڻايو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. فاٽا کي بجيٽ مان به ڪجهه نه پيو ڏنو وڃي.مولانا فضل الرحمان چيو ته نه ڪڏهن توهان جي اطاعت ڪئي نه ڪندس. جيڪڏهن هي بغاوت آهي ته بغاوت ڪندو رهندس.