, پاڪستان ۾ عدل ناهي فوج ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جو ڪيترو حصو آهي؟ مولانا فضل الرحمان / اچڪزئي

اسلام آباد :- اي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ميان افتخار حسين  چيو آهي ته آزادي مارچ کي برسات، طوفان نٿو روڪي سگهي، رات جو سخت برسات ٿي پر شامل ماڻهن جا جذبا بلند آهن، جنهن سان سڄو پاڪستان اندازو لڳائي سگهجي  ته هو پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ ۽ جمهوريت بچائڻ ۾ ڪيترا سنجيده آهن، آزادي مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اي اين پي مارچ سان گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندي، خدا ڪري پاڪستان جي بقا کي خطرو ختم ٿئي، آئين جي بالادستي ٿئي، هن چيو ته اپوزيشن استعيفيٰ، فوج جي مداخلت کان بغير ٻيهر شفاف چونڊن ۽ آئين جي بالادستي جي مطالبن تان پٺتي نه هٽندي، ميپ سربراهه محمود اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته اسان تي الزام هنيو وڃي ٿو ته اسان پاڪستان سان محبت نٿا ڪريون، توهان آئين جو مذاق اڏايو، ان کي پيرن هيٺيان چٿيو، هزارين ماڻهن کي قبائلي علائقن ۾ قتل ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان جي فوج ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جو ڪيترو حصو آهي؟ اسان کي ٻڌايو وڃي، جڏهن اهڙا سوال ڪيا وڃن ٿا ته اسان کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، اسان کي محب وطن سمهجيو وڃي، هن چيو ته اسان مان شڪايت آهي ته هي ماڻهو ادارن جي ڳالهه ڪن ٿا، اسان کي سڀ  ادارا پيارا آهن پر ان وقت تائين جيستائين اهي آئين جي دائري ۾ رهندا، هن چيو ته جيڪڏهن جج به پنهنجي دائري مان نڪرندا ته محب وطن پاڪستانين جو فرض هوندو ته انهن خلاف آواز اٿارين، اها ڳالهه آئين جي بالادستي جي ڳالهه آهي، هن چيو ته عمران خان کي خبر ناهي ته ڪيئن بلوچستان جي حڪومت ڪيرائي وئي، هتي اهڙ ا ماڻهو آهن جن کي خبر آهي ته ڪهڙي ايم پي اي جي ڪيتري قيمت آهي، هو اهڙن ماڻهن خلاف ڪڏهن ايڪشن کڻندو. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ان طرح سان ڄميل رهياسين ته يقينن پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، هڪ سال ۾ ٽي بجيٽ پيش ڪري به وصولين جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام هن حڪومت کي هاڻي هڪ ڏينهن جي به مهلت نٿا ڏئي سگهون، آزادي مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪري ايندڙ ملڪ ۾ سوين کاتن کي بند ڪري رهيا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جو فيصلو ڪجهه قوتن لاءِ مناسب نه هو ته سڀني ڏٺو ته هن سان ڇا ٿيو، اسان دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن ڪو جج توهان خلاف فيصلو ڏيندو ته ان کي گهر وڃڻو پوندو، هڪ فيصلو شوڪت عزيز صديقي ڪيو هڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ،ٻنهي سان ڇا ٿيو، اسان بدنيتي تي ٻڌل صدارتي ريفرنس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، هن چيو ته 12 ربيع الاول تي هي ميڙ سيرت مصطفيٰ ڪانفرنس ۾ بدلجي ويندو، جيڪڏهن ملڪ بچائڻو آهي ته اسان انهن نااهل حڪمرانن کي هڪ ڏينهن به وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون، هن چيو ته هتي هڪ طرفو احتساب ۽ انصاف نه هلندو،وڪيلن جي شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو ته مارچ قانوني لحاظ کان به جائز آهي.