پاڪستان ۾ جبري طور کنڀيل ماڻهن جو مجموعي انگ 6هزار 616 ٿي ويو

اسلام آباد :- کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت قائم قومي ڪميشن 4 هزار 523 ڪيس اڪلائي ڇڏيا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اپريل 2020 دوران ملڪ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا 33 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جبري طور کنڀيل ماڻهن جو مجموعي انگ 6هزار 616 ٿي ويو آهي، قومي ڪميشن 30 اپريل 2020 تائين مجموعي طور 4 هزار 523 ڪيسز کي اڪلائي ڇڏيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ کنڀيل ماڻهن جو انگ 2 هزار 138 آهي، جن بابت معلومات گڏ ڪيون پيا.