پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي برادري نوٽيس وٺي : هزارين قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي : ماجد بلوچ

بيليفيلڊ: جرمني جي شهر بيليفيلڊ ۾ تشدد جو شڪار ٿيندڙن جي عالمي ڏهاڙي تي بلوچ نيشنل موومينٽ جرمني پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ جرمني جي مختلف شهرن جي بلوچ عورتن مردن توڙي سنڌين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . مظاهرين سنڌ توڙي بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نعرا هنيا ۽ ان مظاهري ۾ هزارين بلوچ توڙي سنڌين جي جبري گمشدگي ۽ ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي 12 سالن کان جبري گمشدگي پورا ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ سنڌي هنڌو نارين جو جبري مذهب مٽائڻ خلاف تي تقريرون ڪيون ويون ۽ عالمي ادارن کي اهڙي غير قانوني عمل ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. مظاهري ۾ ڳالهيندي اعجاز بلوچ چيو ته سنڌ ۾ بحريا ٽائون جي نالي تي ڌرتي ڌڻين جي مٿان سرڪاري سپورٽ ۾ ڪاه ۽ صدين کان پراڻا ڳوٺ ڊاهي ظالم ڪيو پيو وڃي . ماجد بلوچ چيو ته پ پ پ پاڪستاني رياست جي ايجنٽ ۽ سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪري پئي جنهن ڪري سوين معصوم شهرين تي دهشتگردي جا مقدما قائم ڪري کين ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي برادري نوٽيس وٺي هزارين قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي مظاهري ۾ جابر بلوچ ، محمد قاسم پتوجو ، سجاد بلوچ سميت سوين بلوچ ۽ سنڌي ماڻهن شرڪت ڪئي .