پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ختم ٿي وئي, ناجائز حڪومت ٺاهي جمهوريت ۽ آئين تي وار ڪيو ويو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته وثوق سان چوان ٿو ته ڪارڪن پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ماڻهو سمجهي رهيا آهن ته 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي وڏي منظم طريقي سان ٿي ۽ ڪير چاهي نه چاهي ان کي تسليم ڪرڻو پوندو پر اسان جي ڪارڪنن جي جرئت انهن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اسان جو بيانيو ۽ دعويٰ اهڙي غالب ٿي آهي جو ڪير ماءُ جو لعل چونڊن کي شفاف مڃڻ جي لاءِ تيار ناهي، اسان جي بياني کي پوري قوم جي تائيد حاصل ٿي وئي آهي ۽ ان جي بياني کي شڪست ملي آهي.جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته ناجائز حڪومت ٺاهي جمهوريت ۽ آئين تي وار ڪيو ويو، پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ختم ٿي وئي، مهانگائي غريب ماڻهو جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي ۽ ناڻي وارو مشير چوي ٿو ته ٽماٽا 17 رپيا ڪلو آهي، هو ٻڌائي ته 17 رپيا ڪلو ٽماٽو ڪهڙي منڊي ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي؟مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان کي سياسي ميدان ۾ فتح ٿي چڪي آهي. ڪارڪنن جي جرئت حڪومت جي دٻدٻي ۽ رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڏهن ڏينهن جي قيام ۾ اسان جنگ کٽي ورتي آهي. وثوق سان چوان ٿو ته ڪارڪن پنهنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن. بس هاڻ هن ڪرندڙ ڀت کي هڪ دڪو ٻيو. حڪمران انتظار ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن انهن جي گريبانن کان پڪڙي ايوانن مان ٻاهر ڪڍي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ڪاميابين جو دائرو اڃا وڌائڻو آهي، اسان گڏيل صلاح مشوري سان اڳيان وڌڻ جا ڪجهه فيصلا ڪيا آهن. اسان جو هتي رهڻ پلان اي آهي، ان جي رهندي پلان بي تي اڳيان وڌنداسين ۽ پلان بي تي سڀاڻي کان عملدرآمد ٿيندو. تمام جلس ٻڌائيندس ته چور ڪو ٻيو نه اهو ئي حڪمران ٽولو آهي.