پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وچ ۾ FATF پلان تي ڳالهيون

اسلام آباد :-  پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وچ ۾ FATF پلان تي عمل درآمد جي حوالي سان حتمي ڳالهيون آسٽريليا ۾ شروع ٿي ويون.پاڪستان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل قومن اداري ڊرگ اينڊ ڪرائيم جي سهڪار سان نئين نيشل رسڪ اسيسمنٽ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مني لانڊرنگ ۽ ٽيررازم فنانسنگ جي حوالي سان ڪيل ڪارروائين بابت آگاهه ڪيو ويو، FATF جي وفد ۾ شامل ايشيا پئسفڪ گروپ (اي پي جي) طرفان ٽيررازم فنانسنگ ۾ ملوث عنصرن کي سزائون ڏيڻ تي زور ڏ نو پيو وڃي، پاڪستان 26 مان 22 تقطن تي عمل درآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي، ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي اسٽيٽ بينڪ گورنر رضا باقر ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان گھڻي اڳڀرائي ڪئي  آهي ان ڪري اميد آهي ته نومبر ۾ سٺي خبر ايندي ۽ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ گري لسٽ مان نالو نڪرڻ جا امڪان به آهن.FATF کي ٽيررازم فنانسنگ ۽ ٽيررازم ۾ مبينا طور تي ملوث تنظيمن، ماڻهن خلاف ڪارروائين، حافظ سعيد ۽ ڪيترن مدرسن جي حوالي سان ٻڌايو ويو، بيئرر سرٽيفڪيٽ ۽ بيئرر انعام بانڊز ختم ڪرڻ جي شرط تي عمل ڪيو ويو، 40 هزار ماليت جي انعامي بانڊز جي رجسٽريشن پر فيٽف اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.هوڏانهن نيڪٽا طرفان فراهم ڪيل فهرست  تفصيلن جي تصديق آخري مرحلن ۾ آهي، ٽيررازم فنانسنگ، مني لانڊرنگ جي حوالي سان 37 ماڻهن خلاف ڪارروائي جاري، وڪيل، چارٽرڊ اڪائونٽنٽس ۽ ٻين جي مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ميڪنزم معتارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.