پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ خوفناڪ زلزلو، ميرپور ۾ تباهي، 26 ڄڻا فوت، 400 کان وڌيڪ زخمي، سوين گهر ڊهي پٽ

ميرپور/اسلام آباد/لاهور/پشاور: – آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ خوفناڪ زلزلو، آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 26   ڄڻا اجل جو شڪار، 400 کان وڌيڪ زخمي،  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به زلزلي جا زوردار لوڏا محسوس ڪيا ويا، متاثر علائقن ۾ خوفناڪ منظر، روڊ رستا اکڙجي ويا، ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهون، ماڻهو ڪلمو پڙهندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.  پيرائتي خبر موجب آزاد ڪشميرسميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آيل زوردار زلزلي سبب 19 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته زخمين جو انگ 300 کان وڌيڪ آهي. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور 5 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ان جو مرڪز جهلم کان 5 ڪلوميٽر اتر پاسي هو، جڏهن ته زمين هيٺ اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. زمين ۾ اونهائي گهٽ هجڻ سبب مرڪز جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌيڪ نقصان جو خدشو آهي. اڱاري واري ڏينهن شام 4 لڳي 2 منٽن تي آيل زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۾ آئي آهي، جتي روڊ رستن ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا ۽ وڏي انگ ۾ گهر پڻ ڊهي پٽ پئجي ويا. روڊ تباهه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي زخمين کي اسپتالن تائين پهچائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. ڊي آءِ جي  گلفراز خان خٽڪ فوتين جي انگ ۾ واڌ جوخدشو پڻ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته اسپتال ذريعن ٻڌايو ته حياتيون وڃائيندڙن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي پڻ شامل آهي. ميرپور جي علائقي جاتلان ۾ زلزلي سبب وڏي تباهي آئي آهي، جتي ڪيترن ئي مک روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ۽گاڏيون اونڌيون ٿي کڏن ۾ وڃي ڪري پيون آهن. ڊي سي ميرپور آزاد ڪشمير راجا قيصر جو چوڻ هو ته زلزلي سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، تنهنڪري جاني نقصان جي حوالي سان قطعي طور ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين ريسڪيو ادارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ نقصان جي حوالي سان انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن. پنجاب ۾ خوشاب، سرگوڌا، فيصل آباد،گجرانوالا،ميانوالي، منڊي  بهاءُالدين، ملتان، اوڪاڙا، قصور، خانيوال، گجرات، ڪامونڪي، مريد ڪي،شيخوپورا، ننڪانه صاحب، ساهيوال، پتوڪي،چونيان، پاڪپتن، ديپالپور، حجراشاهه مقيم، نارنگ منڊي ۽ سيالڪوٽ ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. انکانسواءِ خيبرپختونخواهه ۾ پشاور، چارسده خيبر، سوات، ايبٽ آباد، باجوڙ، نوشهرا، مانسهرا، بٽگرام، تورغر،شانگلا، بونير، دير،چترال، مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب زلزلي جا لوڏا 15 کان 20 سيڪنڊز تائين محسوس ڪيا ويا. وزيراعظم عمران خان زلزلي جي نتيجي۾ ٿيل نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم متاثر علائقن ۾ رليف جي سلسلي۾ لاڳاپيل اختيارين کي هر قسم جو ترت سهڪارفراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف آرمي چيف جي هدايت تي پاڪ فوج جا دستا ۽ ميڊيڪل اسٽاف زلزلي متاثر علائقن ۾ پهچي ويو. جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج کي بنا ديرميرپور ۾ زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي  سامان پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي هدايت تي سول انتظاميا جي مدد لاءِ آرمي جا دستا ۽ طبي عملو روانو ڪيو ويو، جنهن متاثر  علائقن ۾ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. آءِ ايس پي آرٻڌايو ته آرمي ايوي ايشن هيليڪاپٽرز ميرپور ۾ نقصانن جو هوائي جائزومڪمل ڪري ورتو، جڙي ڪس ۽چاتلان جي علائقن جو به فضائي جائزو ورتو ويو. هوڏانهن نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ “اين ڊي ايم اي” جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل پريس ڪانفرنس دوران 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.سندس چوڻ هو ته امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، مينهن وسڻ جي خدشي سبب خيما، ڪمبل ۽ ٻيون شيون رات دير تائين متاثر علائقن ۾ پهچايون وينديون. هن چيو ته پهرين هڪ کان ٻن ڏينهن دوران سندن فوڪس ريسڪيو آپريشن تي هوندو، جنهن کانپوءِ متاثرن جي بحاليءَ وارو عمل شروع ڪيو ويندو. ان کان اڳ ميڊياسان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته زلزلي جو مرڪز جهلم ۽ ميرپور وارو علائقو هو. هن ٻڌايو ته جن علائقن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، اهي ڏورانهان علائقا ناهن، تنهنڪري امدادي ڪارروايون جلد شروع ٿي ويون.