پاڪستان کي سنڌ ۽ بنگلاديش ٺاهيو،توهان ته هتي اچي پناهه ورتي : آصف زرداري

اسلام آباد :- اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي سنڌ ۽ بنگلاديش ٺاهيو هو، ڪشمير سانحو جي اهميت اوڀر پاڪستان جي سانحي جيتري آهي، مودي جي وچ هڪ ڏينهن ڀارت کي به ٽوڙي ڇڏيندي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ڪشمير جو سانحو اوڀر پاڪستان سانحي جيترو اهم آهي، اُن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪشمير جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ تاريخ کي سمجهڻو پوندو. پيپلز پارٽي ڪشمير ڪاز تي ئي وجود ۾ آئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو اندرا گانڌي سان ڳالهيون ڪري زمين واپس ورتي هئي. وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان جو سليڪٽيڊ چئي رهيو هو ته مودي جي سوچ بنيادي پرستي تي ٻڌل آهي، اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جو توهان ڪئي آهي، توهان چئو ٿا ته جنگ ڪريون؟ توهان جو گارڊ به تيستائين فائرنگ نه ڪندو، جيستائين مٿس فائرنگ نه ٿئي، لکي وٺو توهان جو گارڊ به توهان جي حڪم تي فائرنگ نه ڪندو. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته اسان کي ڪشميرين سان گڏ رهڻو آهي، ڪشميري اڃا تائين سياسي طور به زند آهن، آئون اُنهن سان مليو آهيان. مون تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته روز دبئي ۽ ابو ظهبي ويندو آهيان. اسان بالي ووڊ گهمڻ ته ڪونه ويندا هئاسين ۽ معاف ڪجو مشرف جيان چين ۾ ڊانس ڪرڻ لاءِ منهنجي لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن منهنجي دور ۾ ائين ٿئي ها ته منهنجي پهرين فلائيٽ ابو ظهبي ۽ پوءِ ٻي چين لاءِ هجي ها، اُتان پوءِ وري ايران کان ٿيندو واپس اچان ها. ڇاڪاڻ ته اسان کي دُنيا جي حمايت ۽ همدردي وٺڻي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ آئون ئي پهريون صدر هئس، جيڪو روس جي دوري تي ويو هو. آصف زرداري موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان اڪيلا آهيو، عوام به اسان سان اُن ڪري گڏ آهي جو اسان توهان سان گڏ ناهيون. ڇا ڀارت کي خبر ناهي ته پاڪستان ۾ ٽيلر ميڊ جمهوريت هلي رهي آهي. مون هي پهرين حڪومت ڏٺي آهي، جنهن لاءِ دُنيا پُڇي رهي آهي ته توهان جِن جي ڪُلهن تي ويٺا آهيو، اُنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن. آصف زرداري چيو ته پاڪستان کي سنڌ ۽ بنگلاديش ٺاهيو هو، توهان ته مهاجر ٿي آيا هئا ۽ اسان توهان کي پناهه ڏني هئي، اسان پاڪستان اُن لاءِ ٺاهيو ته جيئن مسلمان هتي رهي سگهن، ڪشميرين ۽ ڀارتي مسلمانن کي قائد اعظم جو ٻه قومي نظريو سمجهه ۾ اچي ويو آهي. ڪشميرين کي جسَو هجي، جيڪي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ڪشميري پاڪستاني جهنڊو ويڙهي ويڙهه ڪن ٿا ته مٿن پئليٽ گنز فائر ڪيا وڃن ٿا، اکيون ڪڍيون وڃن ٿيون، ڪشمير جي هر گهر جو فرد شهيد ٿي رهيو آهي، اڄ ڪشمير جو اڌ انگ ٽٽي ويو آهي.