پاڪستان ريلوي ڪرپٽ ادارو آهي : ريلوي وزير شيخ رشيد

اسلام آباد :- ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته پاڪستان ريلوي ڪرپٽ ادارو آهي، موجوده حڪومت ۾ به ريلوي جو خسارو ختم ٿيڻ ممڪن ناهي. جڏهن ته شيخ رشيد تيزگام حادثي بابت جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته ٽرين کي باهه شارٽ سبب نه پر سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ريلوي خسارو ڪيس ۾ وفاقي وزير شيخ رشيد کي طلب ڪري رمارڪس ڏنا هئا ته ريلوي ۾ ڪابه شئي صحيح نه هلي رهي آهي، چيف جسٽس شيخ رشيد جو نالو وٺڻ بغير چيو هو ته ريلوي وارو وزير روز حڪومت ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف هوندو آهي پر پنهنجي وزارت نه ٿو سنڀالي سگهي، ريلوي سڀني کان ڪرپٽ ادارو آهي.