پاڪستان جي پي آءِ اي جهاز امدادي سامان کڻڻ لاءِ بيجنگ روانو ٿي ويو

اسلام آباد: پاڪستان جي حڪومت جي هدايتن تي پي آءِ اي جو خصوصي جهاز امدادي سامان کڻڻ لاءِ بيجنگ روانو ٿي ويو.پي آءِ اي ترجمان موجب قومي ايئر لائن جي اڏام پي ڪي 8852 اسلام آباد کان بيجنگ جي لاءِ رواني ٿيندي.ترجمان موجب اڏام سڀاڻي صبح هڪ وڳي بيجنگ کان 52 ٽن کان وڌيڪ سامان کڻي اسلام آباد پهچندي. سامان ۾ حفاظتي ڪٽس، ماسڪ، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ ٻيو سامان شامل آهي.