پاڪستان جي تباهي ٿي چڪي آهي:شھباز شريف

لاهور :- قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي قومي ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ جاتي امرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ سياست ۾ زهر وجهي ڇڏيو آهي، هاڻي ته گَارِ سان ڳالهه شروع ٿئي ٿي ۽ گَارِ تي ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي.  شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تباهي ٿي چڪي آهي، سڀ ڪجهه عوام جي سامهون آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هر ڀيري ساڳيا ئي حربا استعمال ڪري رهي آهي.   امڙ جي لاڏاڻي تي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن هُن والده جي لاڏاڻي جي خبر جيل ۾ ٻڌي ته ان وقت بيوسي جو عالم هو.   واضح رهي ته شهباز شريف کي سندس امڙ جي لاڏاڻي تي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪيو ويو آهي.