پاڪستان جو ٽٽڻ ۽ شيخ مجيب : ليکڪ ذوالفقار قادري

بنگلاديش جي باني ۽ بنگالي قومپرست اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان، 17 مارچ 1920ع تي بنگلاديش جي ضلعي فريدپور ۾ ٽونگي پاڙي جي هڪ وچولي طبقي جي گھراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ۾ پرايائين، انٽر اسلاميه ڪاليج ڪلڪتي مان ڪرڻ بعد يونيورسٽي آف ڍاڪا مان قانون ۽ پوليٽيڪل سائنس جون ڊگريون حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ واري دور ۾ پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو , شيخ مجيب الرحمان 1940ع ۾ شاگرد سياست ” آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ” ۽ ” آل انڊيا بنگال مسلم اسٽوڊنٽس ليگ ” جي ڪائونسلر بڻجڻ کان شروع ڪئي. هو 1946ع ۾ اسلاميه ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين ڪلڪتي جو بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊيو ويو. مارچ 1948ع ۾ جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح مشرقي پاڪستان جي دوري وقت ڍاڪا يونيورسٽي ۾ نئين آزاد ٿيل ملڪ پاڪستان جي قومي ٻولي اردو جو اعلان ڪيو مشرقي پاڪستان ۾ هنگاما ٿيا ڍاڪا يونيورسٽي جا ڪئين شاگرد فائرنگ ڪري ماريا ويا ته شيخ مجيب کي ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ گرفتار ڪيو ويو ان بعد 1949ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي ننڍن ملازمن جي حقن لاءِ هڙتال ڪرائڻ تي کيس ‘قانون’ جي ڪلاسن مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. هو جيل ۾ ‘عوامي ليگ’ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ 1952ع تائين جيل ۾ رهيو. کيس جيل مان نڪرڻ کانپوءِ 1953ع ۾ عوامي ليگ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. شيخ مجيب 1954ع ۾ متحده محاذ جي ٽڪيٽ تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. ساڳئي ئي سال صوبائي ڪابينا ۾ محنت ۽ واپار جو کيس قلمدان سونپيو ويو. 1958ع ۾ مارشل لا ۾ کيس سيفٽي ايڪٽ هيٺ گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ ڊسمبر 1959ع ۾ آزاد ڪيو ويو. 1962ع ۾ حسين شهيد سهرورديءَ جي گرفتاريءَ خلاف جدوجهد هلائڻ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو. 1963ع ۾ جڏهن حسين شهيد سهروردي نيشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ کي آرگنائيز ڪيو ته هو ان ۾ شامل ٿيو. هن عوامي ليگ کي 1963ع ۾ منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 6 فبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ سڏايل ‘نيشنل ڪانفرنس’ ۾ ڇهن نڪتن جو اعلان ڪيو. انهن ڇهن نڪتن جو متن هيٺ ڏجي ٿو:
نڪتو 1: آئين کي قرارداد لاهور تي مبني هڪ وفاق پاڪستان ۽ هڪ اهڙي پارلياماني نظام جو ضامن هئڻ گهرجي، جنهن ۾ بالغ ووٽ ڏيڻ جي بنياد تي سڌو سنئون چونڊيل مقننه کي بالادستي حاصل هجي.
نڪتو 2: وفاقي حڪومت وٽ صرف ٻه کاتا يعني بچاءَ ۽ پرڏيهي معاملا هوندا، جڏهن ته باقي سڀ کاتا صوبن جي انتظام هيٺ هوندا.
نڪتو 3 (الف): ٻنهي صوبن لاءِ جدا، پر آسانيءَ سان مٽاسٽا جوڳيون ڪرنسيون جاري ڪيون وڃن.
(ب) سڄي ملڪ لاءِ ڪرنسي مقرر ڪري سگهجي ٿي، ان صورت ۾ ملڪ جي اڀرندي حصي مان ‘الهندي حصي ۾ دولت جي منتقليءَ کي روڪڻ لاءِ آئين ۾ وضاحتون ڪيون وڃن. اوڀر پاڪستان جا الڳ مالياتي ذخيرا رکيا وڃن ۽ ان لاءِ الڳ اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي طئي ڪئي وڃي.
نڪتو 4: ٽيڪسن جي لاڳو ۽ حاصل ڪرڻ جو اختيار صوبن کي هوندو، ۽ وفاقي حڪومت وٽ اهڙو ڪوبه اختيار نه هوندو. فيڊريشن کي پنهنجي گهربل خرچن لاءِ رياستي ٽيڪسن مان حصو ڏنو ويندو. وفاقي فنڊ سڀني رياستي ٽيڪسن تي لڳايل هڪ مقرر شرح تي ٻڌل هوندو.
نڪتو 5:
1. ٻنهي صوبن ۾ مٽاسٽا جي ڪرنسي واري آمدنيءَ جا ٻه الڳ الڳ حساب رکيا ويندا.
2. اوڀر پاڪستان جي آمدني، اوڀر پاڪستان جي حڪومت ۽ اولهه پاڪستان جي آمدني، اولهه پاڪستان جي حڪومت جي انتظام هيٺ هوندي.
3. وفاقي حڪومت جي زرمبادله واريون ضرورتون ٻئي حصا، برابريءَ واري بنياد تي ڪنهن طئي ٿيل ورڇ هيٺ پوريون ڪندا.
4. ٻنهي حصن جي وچ ۾ ملڪي مصنوعات جي چرپر ڊيوٽيءَ کان سواءِ هوندي.
5. آئين هيٺ صوبائي حڪومتون، ٻاهريان معاهدا ڪرڻ جون مجاز هونديون.
نڪتو 6: اوڀر پاڪستان لاءِ مليشيا جا نيم فوجي فورس جو قيام.
ڇهه نڪاتي پروگرام بعد عوامي ليگ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي. ڇهن نڪاتن پيش ڪرڻ بعد جنرل ايوب خان جي سرڪار 1968ع ۾ شيخ مجيب الرحمان سميت عوامي ليگ جي 34 اڳواڻن کي اگرتلا سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪري مٿن غداري جو ڪيس هلايو ايوب خان خلاف شيخ مجيب جيڪا تحريڪ هلائي، سا زور وٺندي وئي. ڊسمبر 1968ع کان وٺي فبروري 1969ع تائين سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيا. اوڀر پاڪستان ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشاني گهيراءُ ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي تحريڪ تيز ڪري ڇڏي. جنهن دوران سوين ماڻهو مئا، سرڪاري عمارتون، گاڏيون ۽ بئنڪون ساڙيون ويون. 21 فبروري 1969ع تي فيلڊ مارشل ايوب خان اعلان ڪيو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ اليڪشني اميدوار نه هوندو. 22 فيبروري 1969ع تي شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪيو، ۽ 10 مارچ تي گول ميز ڪانفرنس راولپنڊيءَ ۾ ٿي. شيخ مجيب جي ان ۾ تقرير ڇهن نڪتن جو مناسب لفظن ۾ ورجاءُ هو. اها ڪانفرنس چار ڏينهن هلي. ايوب خان ڪانفرنس ختم ڪندي ون يونٽ نه ٽوڙڻ ۽ هڪ ماڻهوءَ وٽ هڪ ووٽ جو نظام نه قبولڻ جو اعلان ڪيو. ان ريت انهيءَ ڪانفرنس ڪو نتيجو نه ڏنو.
25 مارچ 1969ع تي ايوب خان، يحيٰ خان کي اقتدار سنڀالڻ جو آرڊر ڏنو. يحيٰ خان آئين ٽوڙي مارشل لا لڳائي چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي ويو، ۽ اولهه پاڪستان جو گورنر يوسف هارون کي مقرر ڪيو. جن جا نه رڳو ڍاڪا ۾ ڪارخانا هئا، پر هارون خاندان جا شيخ مجيب الرحمان سان تعلقات تمام گهرا ۽ دوستيءَ وارا هئا.
27 فبروري 1969ع تي شيخ مجيب الرحمان هڪ آئيني مسودي جو خاڪو جاري ڪيو، جنهن موجب: ملڪ جو نالو وفاقي جمهوريه پاڪستان رکيو ويندو. اوڀر پاڪستان جو نالو بنگلاديش ۽ صوبي سرحد جو نالو پختونستان هوندو. گاديءَ جا هنڌ ٻه هوندا: هڪ ڍاڪا ۽ ٻيو اسلام آباد. جنگ ۽ هنگامي حالتن جو اعلان قومي اسيمبلي ڪندي. ٽنهي فوجن جا مرڪزي دفتر ڍاڪا ۾ هوندا. خارجي معاملا، دفاع ۽ ڪرنسي وفاق وٽ هوندا. باقي سمورا کاتا صوبن وٽ هوندا. اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جون بئنڪون ڌار ڌار هونديون. مرڪز صوبن کان هن ريت ٽيڪس وصول ڪندو: بنگلاديش 27 سيڪڙو، پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 21 سيڪڙو، بلوچستان 8 سيڪڙو ۽ پختونستان 7 سيڪڙو.
1970ع واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب الرحمان ڇهن نڪتن واري اليڪشني منشور جي آڌار تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. سندس عوامي ليگ 133 ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ 81 سيٽون کنيون. دادو جي تڪ تان سائين جي ايم سيد ملڪ سڪندر کان هارايو جنهن جو شيخ مجيب کي ڏک ٿيو شيخ مجيب پنهنجي ڍاڪا وارين کٽيل ٻن سيٽن مان هڪ سيٽ خالي ڪري اتان سائين جي ايم سيد کي بيهڻ جي آڇ ڪئي جيڪا سائين جي ايم سيد قبول نه ڪئي اليڪشن بعد نئين حڪومت سازي تي ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ شيخ مجيب وٽ ڳالهيون ڪرڻ ويو، جيڪي ڳالهيون ناڪام ٿيون.3 مارچ 1971ع وارو اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيڻ کان اڳ ئي ملتوي ڪيو ويو اصل ۾ پاڪستان جا جرنيل , پنجابي ايسٽيبلشمنٽ ۽ سندن ساٿاري جاگيردار , نواب ۽ سرمائيدار شيخ مجيب کي اقتدار ڏيڻ نه پيا چاهن ذوالفقار علي ڀٽو ڪوشش ڪئي ته معاملا طئي ٿي وڃن پر ڀٽو صاحب جون ڪوششون ناڪام ٿيون ان بعد شيخ مجيب کي ڍاڪا مان گرفتار ڪري ميانوالي آندو ويو گڏو گڏ مشرقي پاڪستان ۾ جنرل ٽڪا خان جي قيادت ۾ ملٽري آپريشن ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻھو قتل ٿيا قتل عام جي رد عمل ۾ بنگالي عوام عليحدگي جي تحريڪ هلائي ان شورش دوران ئي هندستان مشرقي پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو بنگالين جي بغاوت ۽ هندستان جي حملي جي نتيجي ۾ آخر 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستاني فوج جي ايسٽرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل امير عبدالله نيازي هزارين فوجين سميت هندستاني فوج جي ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل جگجيت سنگهه اروڙا آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ٻئي طرف بنگالي مڪتي باهني عليحدگي پسند ويڙھاڪن پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش جو اعلان ڪيو 20 ڊسمبر 1971ع ۾ جنرل يحيئ خان کي معزول ڪري اقتدار ذوالفقار علي ڀُٽي حوالي ڪيو ويو ذوالفقار علي ڀٽو سڀ کان پهرين شيخ مجيب سان ملاقات ڪري کيس آزاد ڪيو هاڻي بنگلاديش پاڪستان کان ٽٽي دنيا ۾ هڪ ملڪ جي صورت ۾ نمودار ٿي چڪو هو ڪجهه فوجي جنريلن شيخ مجيب کي مارڻ پئي چاهيو پر ذوالفقار علي ڀٽي شيخ مجيب کي سلامتي سان ملڪ مان روانو ڪري ڇڏيو جيئن ئي شيخ مجيب بنگلاديش پهتو ته ڪجهه ڏينهن بعد 10 جنوري 1972ع تي شيخ مجيب الرحمان بنگلاديش جو پهريون وزيراعظم بڻيو، شيخ مجيب کي ‘Bangla Bandhu’ يعني ‘بنگالين جو ابو يا دوست’ سڏيو ويو. شيخ مجيب الرحمان بنگلاديش جي بدتر صورتحال کي سڌارڻ لاءِ دنيا کي مدد جي اپيل ڪئي. بک، بدحالي، ٻوڏ ۽ ڏڪار واري حالت سبب بنگلاديش ۾ غربت ۽ موت جو راڄ وڌي ويو. شيخ مجيب الرحمان 16 ڊسمبر 1972ع تي پارلياماني طرز حڪومت کي لاڳو ڪيو. 7 مارچ 1973ع تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين، جيڪي بنگلاديش جي تاريخ جون پهريون عام چونڊون هيون. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 300 مان 294 سيٽون کنيون ۽ بعد ۾ هو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو. 22 فيبروري 1974ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب کي خاص جهاز موڪلي شرڪت ڪرائي وئي. 24 فيبروري 1975ع تي شيخ مجيب هڪ نئين جماعت ‘بنگلاديش پورهيت عوامي ليگ’ ٺاهي. 14 ۽ 15 آگسٽ 1975ع جي وچ واري رات جو بنگلا ديش جي فوج ملڪ جي باني شيخ مجيب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس خاندان سميت قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڌان منڊي، ڍاڪا ۾ واقع سندس گھر کي به باهه ڏئي پڻ ساڙي ڇڏيو شيخ مجيب جي قتل جي ڪيترن سالن بعد سندس بچي ويل ڌيء شيخ حسينه واجد اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کٽي وئي ۽ ملڪ جي وزيراعظم بڻي جيڪا هن وقت به وزيراعظم جي عهدي تي فائز آهي اهو به هڪ عجيب اتفاق آھي ته شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي فوجي جرنيلن هٿان ماريا ويا آخر ۾ مان اهو چوندس ته ذوالفقار علي ڀٽو کان تاريخي غلطيون ٿيون ڀٽو صاحب شيخ مجيب سان گڏ بيهي رهي ها ته اقتدار شيخ مجيب حوالي ٿئي ها وزيراعظم شيخ مجيب ۽ قائد حزب اختلاف ذوالفقار علي ڀٽو بڻجي ها باقي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پ پ اڪثريتي جماعت هئي اتي صوبائي حڪومتون پ پ جون جڙن ها سرحد ۾ نعپ ۽ جميعت علماء اسلام کٽيو هو سو سرحد ۾ مولانا مفتي محمود ۽ ولي خان جي نعپ گڏيل سرڪار ۽ بلوچستان ۾ نعپ جي بلوچ قوم پرستن سردار عطاء الله مينگل , نواب خير بخش مري , مير غوث بخش بزنجو جي حڪومت جڙي ها ته پاڪستان جو سياسي نظام ۽ نقشو ئي تبديل ٿيل هجي ها ۽ ڀٽو صاحب پاڻ به ڦاهي نه چڙھي ها