پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اختلافن جو شڪار ٿي وئي،مبين جتوئي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

سکر : پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اختلافن جو شڪار ٿي وئي. پي ٽي آءِ سنڌ نادرن جي جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. مبين جتوئي پنهنجو استعيفا چيف آرگنائيز ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ذريعن موجب اندروني اختلافن سبب مبين جتوئي صدر پاڪستان جي پروگرام سميت ٻين پروگرامن ۾ به شرڪت نه ڪئي. مبين جتوئي عام چونڊن ۾ ڪامياب پ پ اميدار نعمان شيخ خلاف 60 هزار ووٽ کنيا هئا. ذريعن موجب مبين جتوئي جا مرڪزي قيادت سان اختلاف هئا، هوڏانهن مبين جتوئي استعيفيٰ بعد موقف اختياري ڪندي چيو آهي ته هن مصروفيتن سبب استيعفيٰ ڏني.