پاڪستان بار ڪائونسل استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو تنهن ڪري کيس عهدي تان استعيفيٰ ڏني

اسلام آباد :- اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل انور منصور خان عهدي تان استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي هئي، جيڪا صدر منظور ڪري ورتو، جنهن بعد وفاقي سرڪار خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انور منصور خان استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته پاڪستان بار ڪائونسل سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، تنهن ڪري کيس هو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. صدر کي استيعفيٰ قبول ڪرڻ جي گذارش ڪندي انور منصور خان چيو آهي ته هو پنهنجي وڪيل برادري سان گڏ آهي، پر کيس افسوس ٿيو جو جنهن بار جو چيئرمين آهي، اُن ئي کائنس استعيفيٰ گهري آهي.