پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي سفارشي ٽولو هلائي رهيو آهي: فيشن ڊيزائنر ماهين خان

ڪراچي :- مشهور فيشن ڊيزائنر ماهين خان چيو آهي ته هو حيران آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي سفارشي ٽولو هلائي رهيو آهي جڏهن ته هاڻي هو ٻيهر ڪڏهن ان جي جهازن تي سفر نه ڪندي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ٽوئٽر تي فيشن ڊيزائنر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته گذريل 30 سالن ۾ پي آءِ اي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون ۽ پنهنجن ئي مائٽن کي ملازمتون ڏنيون ويون. هن لکيو ته هو حيران آهي ته ڪهڙي ريت پي آءِ اي کي سفارشي ٽولي ذريعي هلايو ويو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪراچي ۾ٿيل پي آءِ اي جهاز حادثي جو ذڪر به ڪيو ۽ چيو ته اهو شرمناڪ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين سان خراب ورتاءُ ڪيو ويو. هن هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو ته هاڻي هو ٻيهر پي آءِ اي جي جهازن ۾ ڪڏهن به سفر نه ڪندي. هن جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ شخص جي ڀيڻ جي وڊيو به ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي ڀاءُ جو لاش وصول ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳالهائي ٿي. ماهين خان هڪ عورت جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن دعويٰ ڪئي ته پي آءِ اي جي جهاز ۾ سندس سندس ڀاءُ مرزا وحيد شاهه بيگ به سوار هو ۽ کيس حادثي جي ڄاڻ خبرن ذريعي پئي. ڄاڻايل وڊيو ۾ عورت دعويٰ ڪئي ته حادثي جي ڏينهن کان اڄ تائين هو پنهنجي ڀاءُ جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ هڪ کان ٻي جاءِ خوار ٿي رهي آيه پر کيس صحيح ڄاڻ ئي فراهم نٿي ڪئي وڃي. خيال رهي ته 22 مئي تي لاهور کان ايندڙ پي آءِ اي جو جهاز اي 320 ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو آبادي تي ڪري تباهه ٿيو هو.