پاڪستان اسٽيل مل مان لوهه چورائيندڙ ٺيڪيدارگرفتار، سي بي اي جو ٺيڪيدار کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ

ملير :- پاڪستان اسٽيل مل ۾ ٺيڪيدار لوهه چورائڻ جي الزام هيٺ گرفتار، ان ڏس ۾ اسٽيل مل جي ذيلي اداري اسٽيل فيبريڪيٽنگ ڪمپني مان نجي ٺيڪيدار لوهه سان ڀريل ٽرڪ چورائيندي سيڪيورٽي اهلڪارن هٿان پڪڙجي پيو.سيڪيورٽي عملدار سليم خان ٻڌايو ته ٺيڪيدار ٽرڪ ٻاهر ڪڍڻ عيوض 10 لک رپين جي آڇ ڪئي پر مون انڪار ڪيو، سي بي اي وارن ٺيڪيدار کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو انڪار ڪيم ته تشدد ڪيو ويو. هوڏانهن اسٽيل مل انتظاميا واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ بن قاسم ٿاڻي کي درخواست ڏني آهي.