پاڪستاني بجيٽ: آءِ ايم ايف پنهنجا شرط نرم ڪرڻ لاءِ تيار

اسلام آباد :-  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال 21-2020ع جي وفاقي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد ۾ نرمي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪورونا جي ڪري عالمي مالياتي ادارو ايندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن تائين شرطن ۾ نرمي تي تيار ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب بجيٽ کان پهرين پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ نئين مالي سال ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن وڌائڻ واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي. ڪورونا وبا جي ڪري عالمي مالياتي فنڊ ايندڙ مالي سالجي پهرين ٽن مهينن تائين شرطن ۾ نرمي تي راضي ٿي ويو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف اختيارين کي ٻڌايو ته آڪٽوبر تائين بجلي يا گيس مهانگو نه ڪيو ويندو گڏوگڏ ئي پاڪستان آءِ ايم ايف کي اِها خاطري به ڪرائي ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان قرض نه وٺندي. ڳالهين ۾ ايدنڙ مال سال جي پهرين ٽن مهينن تائين ريليف برقرار رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، بجيٽ خسارو قابو ڪرڻ لاءِ نان ٽيڪس آمد وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته قرض پروگرام جي ڪجهه شرطن تي آڪٽوبر کان پوءِ عمل ڪيو ويندو