پاورٽي ڊويزن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 4 ڪروڙ رپيا جاري

اسلام آباد :- رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرامن ۾ پاورٽي ڊويزن جي ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي هيستائين 4 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪيا آهن. حڪومت ان ڊويزن جي ترقياتي ڪمن لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا فنڊ رکيا آهن. رٿابندي ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب حڪومت سينٽر فار رورول اڪانومي لاءِ هڪ ڪروڙ 80 لک، سينٽر فار سوشل انٽر پري نيوئرشپ لاءِ هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا، تحفظ پائليٽ پروجيڪٽ لاءِ 80 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا آهن.