پارڪ لين ڪيس: آصف زرداري جو ويجهو دوست جاويد حسين سلطاني شاهد بڻجي ويو

اسلام آباد:- سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان(ايس اي سي پي) جي اڳوڻي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جاويد حسين پارڪ لين ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويو آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ جاويد حسين کي  جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. قومي احتساب بيورو(نيب) وڌيڪ جاچ جي خاطر جاويد حسين جي رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. رپورٽ موجب  نيب طرفان پارڪ لين ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي مبينا ويجهي ساٿي ۽ ايس اي سي پي جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جاويد حسين کي گرفتار ڪيو ويو هو.

نيب اختيارين جاويد حسين کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ته جوابدار سلطاني شاهد بڻجي ويو آهي، سندس ڪيس نيب هيڊڪوارٽر ڏانهن موڪليو ويو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جي جسماني رمانڊ کي ڪيترا ڏينهن گذري چڪا آهن.؟

جنهن تي نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته 49 ڏينهن گذري ويا آهن. جنهن کان پوءِ عدالت نيب جي درخواست رد ڪندي جوابدار کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.