ٽوئٽر تي “نو ڊيم آن انڊس رِوَرِ” ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو

ڪراچي :- سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي “نو ڊيم آن انڊس رِوَرِ” يعني سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم نامنظور، ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، صبح کان شروع ٿيل ٽرينڊ ۾ هن مهل تائين ٻن لکن کان وڌيڪ ٽوئٽس ٿي ويا آهن، جڏهن ته ماهرن، ساڃاهه وندن ۽ شاگردياڻين ٽوئٽس ذريعي سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي.