ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس واري رپورٽ پازيٽو

ٽنڊومحمد خان :- ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ڄڻن کي ڪورونا وائرس واري رپورٽ لمس اسپتال حيدرآباد مان پازيٽو اچڻ بعد ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ چئن ڄڻن جو تعلق تبليغي جماعت سان آهي، جڏهن ته 3 ڄڻن جو تعلق ٽنڊو محمد خان شهر جي نصير آباد پاڙي سان ٻڌايو وڃي ٿو سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مدد گار ۽ ڪورونا وائرس ضلعي جي فوڪل پرسن سيد قاسم نويد تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 17 تي پهچي چڪو آهي جنهن ڪري ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ وڌيڪ سختي ڪندي عوام کي پنهنجي گھرن اندر رهڻ جي اپيل ڪريان ٿو هن چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مقامي طور تي 7 ڄڻا ۽ باقي 10 جو تعلق تبليغي جماعت سان آهي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ 4 ۽ آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته او ليول اسڪول ۾ 116 تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙن کي آئسو ليشن تي رکيو ويو آهي.