ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس گردي: سنڌ جي محقق ۽ تاريخدان مشڪور ڦلڪارو جي پٽ مٿان ڪوڙو ڪيس داخل

ٽنڊو محمد خان :- سنڌ جي عظيم محقق ۽ تاريخدان مشڪور ڦلڪارو جي پٽ سڪندر ڦلڪاري مٿان ٽنڊو محمد خان جي پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سڪندر ڦلڪارو ڪالهه کان وٺي گم آهي، سندن پوليس گهروارن کي حراسان ڪر رهي آهي، اهڙي خبر ڦهلجڻ تي سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن پوليس جي ان ڪڌي عمل تي سخت مزمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، ۽ سڪندر ڦلڪارو مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.