ٽنڊو محمد خان ۾ ناريءَ کي ڪچو شراب پيئارڻ بعد اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان جي عدالت ناري جمنا کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندڙ ٻن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. شگر ملز گرائونڊ ٻاهران 6 مهينا اڳ 15 ورهين جي ناري جمنا سامي کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رجب ۽ روشن شيخ کي سخت پورهئي سان 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته جوابدارن تي 60 هزار رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو.
واضح رهي ته جوابدارن ناريءَ کي زوري ڪچو شراب پيئارڻ بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو. جوابدار مشترڪه ڪالوني جا رهواسي هئا. پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو.