ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي تڪليف سبب فوت ٿيل کي ڪرونا ڄاڻائي دفنايو ويو

Medical personnel at work in the intensive care unit of the hospital of Brescia, Italy, Thursday, March 19, 2020. Italy has become the country with the most coronavirus-related deaths, surpassing China by registering 3,405 dead. Italy reached the gruesome milestone on the same day the epicenter of the pandemic, Wuhan, China, recorded no new infections. For most people, the new coronavirus causes only mild or moderate symptoms. For some it can cause more severe illness. (Claudio Furlan/LaPresse via AP)

ٽنڊو محمد خان:- ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي جو رهواسي 75 سالا محمد اسماعيل ميمڻ دل جي تڪليف جي ڪري ٽنڊو محمد خان مان حيدرآباد اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو.سندس لاش حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ پهچايو ويو، فوت ٿي ويل پيرسن ٽنڊو محمد خان ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو ويجهو عزيز هو جنهن جي ڪري صحت کاتي طرفان سندس ڪرونا وائرس مرض ۾ مبتلا هجڻ جي ڪيل ٽيسٽ نه ٿيڻ باوجود کيس ڪرونا وائرس جي مريض جي طريقيڪار تحت سندس ابائي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويئي.