ٽنڊو غلام حيدر ويجهو فائرنگ ۾ نوجوان ناري مارجي وئي, وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر :- ٽنڊو غلام حيدر ويجهو فائرنگ ۾ نوجوان ناري مارجي وئي، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو. ڳوٺ ڌارشي ڪولهي ۾ رپيٽر جي فائر سبب 18 ورهين جي ناري آرتي ڌيءُ ڀورو ٺاڪر سخت زخمي ٿي پئي، کيس فوري طور اسپتال آندو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. اطلاع ملڻ تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس اسپتال پهچي ڄاڻ ورتي. پوليس موجب ناري جا وارث چون ٿا ته ناري پاڻ تي رپيٽر جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ زخمي ٿي، اسپتال ۾ دم ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ نه ٻڌايو ويو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪافي شيون سامهون اينديون.