ٽنڊوڄام ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب گذريل ڏينهن فوت ٿي ويل ٻن نينگرن جي پيءُ بعد سندن ڀيڻ به اڄ دم ڏئي ڇڏيو

ٽنڊوڄام : ٽنڊوڄام ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب گذريل ڏينهن فوت ٿي ويل ٻن نينگرن جي پيءُ بعد سندن ڀيڻ به اڄ دم ڏئي ڇڏيو. ڳوٺ آدم جمالي ۾ 2ڏينهن اڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب چار گهرڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا، چئني ڄڻن کي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن ٻن نينگر ۽ اڄ سندن پيءُ ڦوٽو خاصخيلي ۽ سندن ڀيڻ ندا خاصخيلي دم ڏنو.