ٽنڊومحمد خان جي رورل هيلٿ سينٽر ڏندو جي ميڊيڪل آفيسر جي ڪووڊ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ سبب آئيسوليشن ۾ رکيو ويو

WUHAN, CHINA - FEBRUARY 17 2020: Nurse Cao Shan working in the isolation ward, communicates with a co-worker on the talkie-walkie in Jinyintan Hospital, designated for COVID-19 patients, in Wuhan in central China's Hubei province Monday, Feb. 17, 2020. She and her husband, a doctor also working at the hospital, have slept in the vehicle for 23 nights to avoid bringing viral hazards around, save commuting time, and give their assigned nearby hotel room to colleagues.- PHOTOGRAPH BY Feature China / Barcroft Media (Photo credit should read Feature China/Barcroft Media via Getty Images)

حيدرآباد :- اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز (آءِ ايڇ ايس ) جي حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن جي ڊسٽرڪٽ مينيجر ڊاڪٽر محمد علي چانگ ڪورانا وائرس جي تازي صورتحال ٻڌائيندي چيو ته ٽنڊومحمد خان جي رورل هيلٿ سينٽر ڏندو جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شميل غوري جي ڪووڊ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ سبب اسپتال ۾ ساڻس گڏ ڪندڙ هيلٿ اسٽاف کي آئيسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. ڊاڪٽر محمد علي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڊاڪٽر شميل غوري انڊس هاسپيٽل ٽنڊومحمد خان جي ڪورونا پازيٽو آيل ڊاڪٽر امير علي چنا سان سندس آفيس ۾ گڏ رهيو هيو. ڊسٽرڪٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران ڊاڪٽر امير چنا سان ڪانٽيڪٽ ۾ آيل اسٽاف جي ٽيسٽ ڪرائڻ جي نتيجي ۾ اڄ ڊاڪٽر شميل سميت آرايڇ سي ڏندو جي ڊاڪٽر آصف ميمڻ، ڊاڪٽر انيس فاطمه، آيا فرزانه ، اسٽور اسسٽنٽ ابراهيم ۽ ليبارٽري ٽيڪنيشن ذولفقار کي سندن گھرن ۾ آئسوليٽ ڪري مشاهدي هيٺ رکيو ويو آهي.